پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته 9 مئي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ پاڪستان جا اصل دشمن آهن صوبائي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري 9 مئي واقعن جي سي سي ٽي وي فوٽيج جاري ڪري ڇڏي. اطلاعات واري وزير چيو ته 9 مئي جي ناڪام بغاوت جي ڪيسز جا فيصلا ٻن سالن کان پوءِ اچڻ شروع ٿيا آهن، 9 مئي جي ناڪام بغاوت جنهن به ڪئي ۽ ڪرائي انهي جون سموريون فوٽيجز منظر عام تي اچي چڪيون آهن. 9 مئي جي پلاننگ ڪنهن ڪئي، ڪٿي ڪئي؟ انهي ۾ ڪير ڪير شامل هئا، اهي به تفصيل سامهون اچي چڪا آهن عظميٰ بخاري چيو ته شهيدن جا مجسما ساڙيندڙ ڪنهن به رحم جا مستحق نه آهن، فوجي ٺڪاڻن تي حملا مڪمل منصوبه بندي سان گڏ ڪيا ويا، انهي ۾ هاڻ ڪنهن به قسم جي شڪ جي گنجائش نه آهي هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڊائريڪشن تي سمورا ٽرائل ڪورٽ 4 مهينن ۾ 9 مئي جي ڪيسز جا فيصلا ٻڌائڻ جا پابند آهن. 9 مئي جو ماسٽر مائنڊ ۽ انهي جو ڪوچ به کين احتساب کان نٿا بچائي سگهن.