دهشتگردي جي انت واري عدالت 9 مئي ڪيسز ۾ سزا ماڻيندڙ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جون ملڪيتون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي رپورٽ موجب لاهور جي دهشتگردي جي انت واري عدالت شادمان ٿاڻي کي باهه ڏيڻ سميت ٻن ڪيسز ۾ گذريل ڏينهن ٻڌايل فيصلي جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا عدالتي فيصلي موجب عدالت سمورن ڏوهارين کي پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي ۽ حڪم ڏنو ته ڏوهارين کي سموريون هڪ ئي وقت ڪاٽڻيون پونديون. دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ اعجاز چوڌري، محمودالرشيد، عمر سرفراز ۽ ياسمين راشد جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ٻئي طرف عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي 9 مئي جي 2 ڪيسز ۾ آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته اي ٽي سي گذريل ڏينهن فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي ڪيسز ۾ شاهه محمود قريشي کي بري جڏهن ته پنجاب جي اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيمه، اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، ميان محمودالرشيد ۽ اعجاز چوڌري کي 10-10 سزال قيد جي سزا ٻڌائي هئي عدالت سڳوري حمزه ۽ صنم جاويد کي پوليس اسٽيشن کي باهه ڏيڻ جي ڪيس ۾ 5-5 سال جڏهن ته عاليه بهٽه کي پوليس جون گاڏيون ساڙڻ جي ڪيس ۾ 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.