اوٻاوڙو لڳ مريدشاخ ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد کنڀڙا پوليس جي پڪٽ نمبر هڪ تي ڏوهارين جو حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ حملي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ م 3 ڏوهاري مارجي ويا جنهن جي لاشن کي اوٻاوڙو تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ جڏهن ته 2 ڏوهاري زخمي ٿيڻ جا اطلاع به آهن جيڪي فرار ٿي ويا آهن جنهن جي پيڇو ڪرڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري رواني ٿي وئي آهي ۽ هوڏانهن مارجي ويل ٽنهي ڏوهارين جي سڃاڻپ خانو سيلرو بدلو ڪوش ڦلو سيلرو طور ٿئي آهي هوڏانهن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن لاءِ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو نقد انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي