ڏھرڪي پريس ڪلب جي سال 2023/24 جون چونڊيون سينئر صحافي اسد پتافي جي نگراني ۾ ٿي گذريون

ڏهرڪي: پريس ڪلب رجسٽرڊ ڏھرڪي جي سال 2023/24 جون چونڊيون سينئر صحافي اسد پتافي جي نگراني ۾ ٿي گذريون جنھن ۾ صدر جي عھدي لاءِ تنوير احمد مھر، سينئر نائب صدر لاءِ اشرف مغل، نائب صدر جي لاءِ برڪت علي شر، جنرل سيڪريٽري لاءِ طاھر عباس چوھاڻ، جوائنٽ سيڪريٽري لاءِ اسد علي شر، خزانچي لاءِ برڪت علي دشتي، اطلات سيڪريٽري لاءِ ڊيوڊ لطيفي ۽ آفيس سيڪريٽري لاءِ عبدالله بخش راڄڙي اليڪشن وڙھڻ لاءِ عھدن جا فارم ورتامقرر ڪيل ٽائيم تائين ڄاڻايل عھديدارن جي سامھون ٻئي ڪنھن به فارم نه ورتا جنھن بعد چيئرمين اليڪشن ڪميٽي سينئر صحافي اسد پتافي ڄاڻايل عھديدارن جي بنا مقابلي ڪاميابي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنھن موجب ڏھرڪي پريس ڪلب ڏھرڪي سال 2023/24 لاءِ صدر ڏھرڪي پريس ڪلب ڏھرڪي لاءِ تنوير احمد مھر، سينئر نائب صدر محمد اشرف مغل، نائب صدر برڪت علي شر، جنرل سيڪريٽري طاھر عباس چوھاڻ، جوائنٽ سيڪريٽري اسد علي شر، خزانچي برڪت علي دشتي، اطلات سيڪريٽري ڊيوڊ لطيفي آفيس سيڪريٽري عبدالله بخش راڄڙي جي بنا مقابلي ڪاميابي جو اعلان ڪيوھن موقعي تي نئين چونڊيل جي آيل صدر تنوير احمد مھر چيو ته انشاءَ الله پنھنجي صحافي دوستن کي گڏ کڻي ھلندس ۽ پنھنجي صحافين جو تحفظ ڪرڻ به ڄاڻيندو آھيان. ھن چيو ته ڏھرڪي پريس ڪلب جي دوستن کي گھرجي ته ھو مثبت صحافت ڪن. ھن چيو ته تمام جلد ڪامياب عھديدارن جي حلف کڻڻ واري تقريب منعقد ڪئي ويندي.