9 مئي تي تشدد ۽ احتجاج جو ڪيس: شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور

9 مئي تي ٿيندڙ پرتشدد احتجاج جي ڪيس ۾ شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪئي وئي آهي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آبا د۾ 9 مئي تي تشدد احتجاج تي اسلام آبا دجي کهنه ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ ايڊيشنل سيشن جج سيد محمد هارون پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري پنهنجا دليل مڪمل ڪيا جڏهن ته سرڪاري وڪيل جي اچڻ تائين عدالت ڪيس ۾ وقفو ڪيو. جنهن کان پوءِ شاهه محمود قريشي عدالت جي آڏو پيش ٿي حاضري لڳرائي.وڪيل عدالت ۾ چيو ته شاهه محمود قريشي پرتشدد احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جو الزام آهي. شاهه محمود قريشي نه واقعي واري هنڌ موجود نه هو ڪو بيان ڏنو پوليس بنا ڪنهن ثبوت جي شاهه محمود قريشي کي ملوث ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کان پوءِ عدالت شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ڪري ورتي.