افغانستان پاڙيسري ملڪ هجڻ جو حق ادا نه ڪري رهيو آهي، اهڙي صورتحال وڌيڪ جاري نٿي رهي سگهي: خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته افغانستان پاڙيسري ملڪ هجڻ جو حق ادا نه ڪري رهيو آهي. اهڙي صورتحال وڌيڪ جاري نٿي رهي سگهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ خواجه آصف چيو ته افغانستان پاڙيسري ملڪ هجڻ جو ڪردار ادا نه پيو ڪري. افغانستان دوحه معاهدي جي پاسداري نه ڪئي آهي. دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پنهنجي زمين ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻيندو.خواجه آصف چيو ته 60-50 لک افغانين کي پاڪستان ۾ 40-50 سالن کان پناهه ڏئي رهيا آهيون پر ان جي ابتڙ پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشگتدن کي افغان زمين تي پناهه ڏني پئي وڃي. اهڙي صورتحال وڌيڪ جاري نٿي رهي سگهي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان ۾ هٿياربند فوج کي افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي محفوظ پناهه گاهون ڏيڻ ۽ آزاد ڪارروائي ڪرڻ تي خدشا آهن. اميد آهي ته عبوري افغان حڪومت حقيقي معنيٰ ۾ دوحا ۾ ڪيل واعدن موجب پنهنجي زمين کي ڪنهن به ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي.