معاهدي جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪندس: شهباز شريف جون آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ٽيليفون تي ڳالهيون

وزيراعظم شهباز شريف آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽالينا جارجيوا سان ٽيليفون تي رابطو ڪري پاڪستان جي لاءِ 3 ارب ڊالر جو بيل آئوٽ پيڪيج منظور ڪرڻ تي سندس ٿورو ادا ڪيو.وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف جي مدد سان معيشت تبديل ڪري ڇڏينداسين. معاشي ٽيم تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي برداشت نه ڪندس. 12 آگسٽ تائين اسان جي حڪومت هوندي جنهن کان پوءِ نگران حڪومت معاهدي جو احترام جاري رکندي. وزيراعظم ڪرسٽالينا جارجيوا جي قيادت ۽ پيشوارانه مهارت جي تعريف ڪندي چيو ته هو غريبن جو احساس رکي ٿي ۽ هن معاهدي جي لاءِ فخر جوڳي حمايت ڪئي.شهباز شريف آءِ ايم ايف جي ايم ڊي کي چيو ته پاڪستان سڄي دنيا کان وڌيڪ بهترين ۽ ذائقي وارا انب پيدا ڪندو آهي اوهان جي لاءِ احترام جي جذبي طور انبن جو تحفو اماڻي رهيو آهيان.ان موقعي تي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي چيو ته وزيراعظم شهباز شريف معاهدي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي آڏو پاڪستان جو ڪيس سٺي طريقي سان پيش ڪيو. حالانڪه آءِ ايم ايف بورڊ ماضي ۾ شرطون پوريون نه ڪرڻ سبب شڪ ۽ وسوسن جو شڪار هو.ڪرسٽينا جارجيوا چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ مضبوط ڀائيواري جو رشتو قائم ٿي چڪو آهي يقين آهي ته وزيراعظم شهباز شريف واعدا پورا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جو اهم ميمبر آهي. جيڪو پاڪستان جي هر ممڪن مدد ڪندو رهندو.