ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ 19 هون ڪانووڪيشن منعقد

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ 19 هين ڪانووڪيشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم بي بي ايس، بي ڊي ايس، پوسٽ گريجوئيٽ، نرسنگ، فزيوٿراپي سميت ٻين شعبن ۾ گولڊ ميڊل، سلور ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. جن مان 3165 اميدوارن گولڊ ميڊل حاصل ڪيا جن ۾ اڪثريت شاگردن جي هئي.تقريب جو مهمان خاص سنڌ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جو صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو هو.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته سنڌ حڪومت جو اڄوڪو پروگرام صحت ۽ تعليم جو وڏو جلسو آهي گذريل سال ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو جيڪو معاشي صورتحال سبب هڪ وڏو چئلينج هو، ان باوجود اسان يونيورسٽين جي بجيٽ ۾ گهٽتائي نه ڪئي، هن وقت صوبي ۾ 27 يونيورسٽيون ۽ انهن جا ڪيمپس آهن، جن ۾ انهن جون ضرورتون پوريون ڪيون پيون وڃن.ان کان اڳ جامعه لمس جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اجن خطاب ڪندي چيو ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جتان هر سال سوين شاگرد تعليم حاصل ڪري صحت سميت سماج جي بهتري ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. لاڳاپيل شعبن ۾ اڄوڪو ڏينهن اسان جي لاءِ خوشگوار مستقبل آهي.ڪانووڪيشن ۾ مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن، روينيو آفيسرن، لمس يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽيز جي ڊينز، مختلف شعبن جي چيئرمينن، فيڪلٽي ميمبرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.