ڪنڌڪوٽ: ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو، ٽن ورهين جي نياڻي اغوا

ڪنڌڪوٽ : ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو ھڪ ٻئي ٻارڙي اغوا ٿي وئي.گلشير پاڙي جي اعواڻ مسجد وٽ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن 3 ورھين جي ٻارڙي عليشپا چنا ڌيءَ رياض چنا کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا.جڏهن ته اهڙي اطلاع ملڻ باوجود پوليس نه پھتي، موٽرسائيڪل سوار ٻن ھٿياربندن سري عام ٻارڙي کي گھر ٻاھران اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن.هوڏانهن ٻارڙي جي اغوا واري واقعي بعد گھر ۾ قھرام مچي ويو.