آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي تي 30 ارب روپيه خرچ ڪندو.قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديلي، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي تي 30 ارب روپيه خرچ ڪندو.عالمي اداري موجب پاڪستان کي ڪيترين ئي قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻو آهي. آءِ ايم ايف ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت هڪ ايڪشن پلان تي ڪم ڪري رهي آهي. پلان جي تحت گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام کان پاڪستان مدد وٺندو ۽ قدرتي آفتن جي امڪاني شڪار ڪمزور شعبن کي تحفظ فراهم ڪندو