ڪنڌ ڪوٽ : ڌاڙيلن جي رحم و ڪرم تي پوليس آرامي معصوم نينگري اغوا پوليس نه پھتي بازياب ٿيڻ بعد شھر مان اغوا جي واردات پوليس جي منهن تي چماٽ آهي خبر موجب ڪنڌ ڪوٽ شھر اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گلشير پاڙي جي اعواڻ مسجد ڀرسان ڏينهن ڏٺي جو موٽر سائيڪل سوار ڏوھاري ھٿياربندن معصوم نينگري ٽن ورھين جي عليشا ڌي رياض چنا کي زڀردستي گھر اڳيان اغوا ڪري فرار ٿي ويا پاڙي وارن به اغوا ٿيڻ جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏيڻ جي باوجود واقعي واري ھنڌ نه پھتي شھر مان واردات بعد به پوليس ڪجهه نه ڪيو معصوم نينگري جي اغوا بعد سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو شھر ۾ واقعو پوليس جي ناڪامي ۽ ايس ايس پي عرفان سمون جي جي ٽيم به ناڪام ٿيڻ بعد پوليس جي منھن تي چماٽ آهي ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو گذريل رات اي سيڪشن ٿاڻي جي حد گلشير محلي جي اعواڻ مسجد ڀرسان موٽر سائيڪل سوار ھٿياربند معصوم نينگري پنج ورھين جي عليشبا ڌي رياض چنه کي زبردستي گھر اڳيان اغوا ڪري فرار ٿي ويا آھن معصوم نينگري جي اغوا بعد سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو آھي معصوم نينگر جي امڙ ۽ ٻين وارث عورتن جو قرآن پاڪ کڻي ڌاڙيلن کي بازيابي لاءِ واسطا ڏيندا رھيا واضح رھي ته گذريل ڪيترن ئي مھينن کان معصوم ٻارن جي اغوائن جو سلسلو ھلندڙ آھي ھن وقت به معصوم عليشبا چنه سميت 6 معصوم ٻار ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آھن