ڪراٺو لڳ مبارڪپور ۾ شھرين جو مقامي جيالي پاران پورھيت مٿان تشدد ڪرڻ پائيپ چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ تي مقامي جيالي ايس ايڇ او مبارڪپور ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي سکر خلاف شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ۽ ڌرڻو نعريبازي شھرين پ پ جي اعلا قيادت ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو تہ مقامي اڳواڻ ۽ پوليس جي ڳٺ جوڙ جو نوٽيس وٺي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ گرفتار پورھيت کي آزاد ڪري اصل جوابدارن مٿان چوري جو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي
ٺڪراٺو ( رپورٽ ) ٺڪراٺو لڳ مبارڪپور ۾ شھرين جو مقامي جيالي پاران پورھيت مٿان پائيپ چوري جو ڪيس داخل ڪرڻ تي پوليس ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي سکر ۽ مقامي جيالي خلاف احتجاجي مظاھرو ڌرڻو نعريبازي ڪئي وئي مظاھرين پاران پ پ جي مقامي اڳواڻ علي مدد مھتم جي زيادتين خلاف مبارڪپور جي شھرين شھر ۾ مڪمل شٽر بند ھڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو پ پ جي مقامي اڳواڻ مٿان شھرين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ ترقياتي ڪمن لاء ايندڙ ٽف ٽائل پائيپ لوھ ۽ سرون چوري ڪرائڻ جو الزم مظاھرين سردار نواب خان مھتم وڏير برڪت علي ڀٽي وڏيرو محمد پناھ مهتم صاحب خان مھتم وڏيرو غلام النبي ۽ ٻين دانھيندي الزام هڻندي چيو تہ پ پ جو مقامي ڪارڪن علي مددمھتم مبارڪپورپوليس جي ملي ڀڳت سان شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ترقياتي ڪمن لاء ايندڙ سامان جنهن ۾ واٽر سپلاء اسڪيم جا پائپ ٽف ٽائل لوھ ۽ ٻيو قيمتي سامان پاڻ ۽ سندس جو پٽ نعمان مھتم چوري ڪرائي رھيو ھو شھرين پاران پڇاڻو ڪرڻ تي ھن پنھنجي چوري لڪائڻ خاطر ايس ايچ او مبارڪپور کي چرچ ڏئي پورھيت رياض حسين مھتم کي رڪشي سميت ٻڌارئي ڇڏيو آھي ۽ اسانجي نوجوان کي پنهنجي اوطاق تي کڻائي بدترين تشدد ڪري زبردستي مهرن ۽ ٻين تي چوريون ڪرڻ لاء زور ڀريو جنهنتي نوجوان جواب ڏيندي چيو ته مونکي اوهان ڪرائي بهاني گهرائي سامان لوڊ ڪرايو مان ناجائز ڪنهن ٻئي تي ڇو بڪ ڪيان جنهن کان پوء پبلڪ هيلٿ سکرجي ايس ڊي او معراج ملڪ ۽ سب انجنيئر پنوعاقل علي گوهر ڪٽو کي گهرائي پنهنجي جڳھ تي ويهي ايف آء آر نوجوان رياض مهتم تي ڪٽرائي ڇڏي ۽ انکي سلطانپور ٿاڻو تي موڪلي ڇڏيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي مظاهرين آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کي اپيل ڪئي ته ڪنهن ايماندار آفيسر کان جاچ ڪرائي پورهيت تان ڪس خارج ڪيو وڃي ۽ مک جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي