ڪشمور : ڀرسان بخشاپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڏير پنهنجي ڀاڄائيءَ کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.ڳوٺ بجار خان ڀنگوار ۾ جوابدار موج علي ڀنگوار 22 ورهين جي ڀاڄائي شر ناز زال اشرف تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويو.ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل عورت جي لاش کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. مارجي ويل عورت جي وارثن موجب شرناز تي ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هنيو ويو آهي.وارثن موجب جوابدار اسان جي نياڻي کي بي گناهه قتل ڪيو آهي جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪشمور پوليس موجب واقعي جي جاچ هلي رهي آهي شروعاتي ڄاڻ موجب جوابدار موج علي ڀنگوار پنهنجي 22 ورهين جي ڀاڄائي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. تمام جلد جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.