اسلام آباد : ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، ڀت ڪرڻ ۽ مختلف واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت

اسلام آباد : ۾ تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي. گادي واري شهر ۾ ڀت ڪرڻ ۽ ٻين مختلف واقعن ۾ 13 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.پوليس موجب وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ تيز برسات دوران گولڙه موڙ وٽ انڊر باءِ پاس جي ڀت ڪرڻ جي نتيجي ۾ 12 پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا آهن.پوليس موجب حادثي کان پوءِ ريسڪيو 1122 جي اهلڪان حادثي واري جاءِ تي پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ملبي هيٺيان دٻيل 12 لاشن کي مشينن ذريعي ڪڍيو ويو.