ايشيا ڪپ، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مداحن لاءِ اهم بيان

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) ايندڙ مهيني پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جي شيڊيول جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو.براڊ ڪاسٽرز ۽ اسپانسرز کي اعتماد ۾ وٺڻ کانپوءِ ٽورنامينٽ جي ميچن جي تاريخن ۽ مڪمل پروگرام جو اعلان ڪيو ويندو.ايشيا ڪپ پي سي بي طرفان پيش ڪيل هائبرڊ ماڊل تحت کيڏيو ويندو، جنهن جون شروعاتي 4 ميچون پاڪستان جڏهن باقي 9 ميچون سريلنڪا ۾ ٿينديون.ذريعن موجب، دبئي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ اِهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ ميچون لاهور ۽ ملتان ۾ کيڏيون وينديون، سريلنڪا ۾ شيڊيول ميچون دمبولا ۽ پاليڪيلي ۾ ٿينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اِهو به طئي ڪيو ويو هو ته برسات جي صورت ۾ فائنل رزروَ ڊي تي کيڏيو ويندو.ياد رهي ته ايشيا ڪپ 31 آگسٽ کان شروع ٿيندو جيڪو 17 سپٽيمبر تائين جاري رهندو، ايونٽ ۾ پاڪستان سميت ڀارت، سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ۽ نيپال جون ٽيمون حصو وٺنديون.