اسلام آباد : هاءِ ڪورٽ توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري ٻڌڻي جو 3 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو جنهن ۾ عدالت فواد چوڌري جي يقين ڏيارڻ تي ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ معطل ڪري ڇڏيا.عدالت پنهنجي لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو آهي ته فواد چوڌري 20 جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش ٿئي ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي جي گڏيل ڪاپي جمع ڪرائي.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پٽيشنر جي وڪيل ٻڌايو ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳن وارنٽ جي تعميل ناهي ٿي. پٽيشنر جي وڪيل جو موقف آهي ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳن وارنٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏيڻ گهرجي. گرفتاري وارنٽ معطلي جو آرڊر 20 جولاءِ کان پوءِ پاڻمرادو غير موثر ٿي ويندو.جنهن کان پوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي 26 جولاءِ جي لاءِ نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن پيش نه ٿيڻ تي فواد چوڌري جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا جنهن کي فواد چوڌري عدالت ۾ چئلينج ڪيو هو.