ضلعي خيبر جي تعلقي باڙا ۾ پوليس اسٽيشن جي مُک گيٽ تي آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪا شهيد جڏهن ته 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.خيبر پوليس ترجمان موجب ڪمپائونڊ ۾ باڙه ٿاڻي ۽ ڳجهن ادارن جون آفيسون واقع آهن. حملي کان پوءِ سيڪيورٽي ٽيمن جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن کان پوءِ ٻنهي طرفن کان فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو. پوليس جي وڌيڪ نفري ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي موجود آهن.سينئر پوليس آفيسرن ٻڌايو ته باڙه ٿاڻي ۾ ٻن آپگهاتي حملي آورن داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر فوري طور تي ڪيل جوابي ڪارروائي دوران حملي آور مارجي ويا. وقت تي ڪارروائي دوران وڏي حملي کي ناڪام بنايو ويو آهي. ريسڪيو 1122 موجب زخمين ۾ پوليس اهلڪار به شامل آهي جيڪو تعلقه ڪمپائونڊ آفيس جي مين گيٽ تي مقرر هو. ريسڪيو 1122 ٻن زخمين کي طبي امداد ڏني جن مان هڪ سخت زخمي کي ايڇ ايم سي علاج لاءِ روانو ڪيو ويو.ايڇ ايم سي ترجمان ٻڌايو ته خيبر باڙا بازار ۾ ڌماڪي سبب 4 زخمين کي آندو ويو جنهن ۾ هڪ فوتي به شامل آهي. جڏهن ته 4 زخمين مان 3 پوليس اهلڪار به شامل آهن.ريسڪيو 1122 موجب هڪ زخمي کي ايڇ ايم سي، 3 زخمين کي مقامي اسپتال ۽ 6 زخمين کي موقعي تي طبي امداد ڏني وئي. ڌماڪي سبب عمارت جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو دٻجي فوت ٿي ويو. ريسڪيو 1122 جي هيوي مشينري واقعي واري هنڌ رواني ڪئي وئي آهي.