ڄامشورو : پوليس وٽ تحفظ گهرڻ لاءۡ پهتل ناري گولين جو کاڄ بڻجي وئي

ڄامشور : و ٿاڻي جي حد شيل پيٽرول پمپ ڀرسان ڳوٺ الله رکيو کوسو جي رهواسڻ ناري 26 ورهين جي شادي شده مھر خاتون بليدي ماءۡ پيءۡ سان گڏ رڪشا ۾ سوار ٿي سپرهاوي طرف وڃي رهي هئي ته موٽروي پوليس آفيس جي سامهون ٽي موڙ ڏانهن ويندڙ رستي تي مبينا طور گوليون لڳڻ سبب مارجي وئي.قتل ٿيل ناري جي وارثن الزام لڳايو آهي ته اسان ڄامشورو کان جيڪب آباد طرف پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ جوابدار گلڻ عرف اسماعيل پهوڙ اسان کي روڪي ناري مهر خاتون کي زبردستي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اسان طرفان مزاحمت ڪئي وئي جنهن کان پوءِ جوابدار گوليون هڻي ناري کي قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءۡ ڪوٽڙي جي بلاول ميڊيڪل ڪاليج اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو هوڏانهن پوليس جي اهم ذريعن ٻڌايو آهي ته ناري گذريل ڏينهن هڪ نوجوان سان گڏ پرڻي لاءۡ نڪتي جتان سندس وارثن کيس وٺي اچي ڪارنهن جي الزام هيٺ گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ واقعي جو رنگ ڏنو ويو آهي ذريعن موجب مارجي ويل ناري مهرخاتون بليدي گذريل ڏينهن ڄامشورو ٿاڻي تي پهتي هئي ته مونکي مائٽن مان جان خطرو آ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي پر پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي گذريل ڏينهن ناري کي تحفظ ڏيڻ بجاءۡ سندس وارثن جي حوالي ڪيو ويو جنهن بعد اڄ کيس گولين جو کاڄ بڻائي قتل ڪيو ويو ان حوالي سان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پسند جوپرڻو ڪندڙ نوجوان ناري اڳوڻي ايس ايڇ او مظھر نائچ طرفان ڊيل ذريعي واپس مائٽن حوالي ڪرڻ بعد کيس قتل ڪيو ويو. مليل ڄاڻ موجب ناري نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪيو هو جنھن بعد اڳوڻي ايس ايڇ او مظھر نائچ ڊيل تحت ناري کي واپس ڪري مائٽن حوالي ڪيو هو. جنھن بعد ناري جو اڄ گوليون لڳل لاش ھٿ آيو آھي جڏهن ته ناري کي گوليون ھڻي قتل ڪندڙ جوابدار فرار ٿي ويا آھن. ايس ايڇ او سڪندر گوپانگ ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو ويندو