تلهار ويجهو ميرواهه کينال کي 20 فوٽ گهارو، سوين ايڪڙ فصل پاڻي هيٺ

تلهار ويجهو ڳوٺ فضل پٺاڻ وٽ ميرواهه کينال کي 20 فوٽ گهارو لڳي ويو، گهاري سبب ڳوٺ فضل پٺاڻ ۾ رانجهو پٺاڻ، پپو پٺاڻ ۽ نيڻو ڪولهي جون بيٺل ساريالو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو. لکين روپين جو نقصان اطلاع تي آباشي جو عملو گهاري واري هند نه پهتو.جڏهن ته پاڻي تيزي سان ڳوٺ فضل پٺاڻ ۾ وڌڻ لڳو ڳوٺاڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته ميرواهه ڪينال مان اسان جي گهرن وٽان صبح جو گهارو لڳڻ سبب اسان جي پوکيل ساريالي فصل گهارو لڳڻ سبب ٻڏي ويئي آھي. اهڙي اطلاع باوجود آبپاشي ايريگيشن جو عملو ناهي پهتو، مختلف ڳوٺن ڏانهن پاڻي تيزي سان وڌڻ لڳو آھي، لکين روپين جو نقصان ٿي ويو آھي. ميرواهه ڪينال جا ڪپر ڪمزور هئڻ سبب اسان جي ڳوٺ ۾ گهارا لڳن ٿا.جڏهن ته ايريگيشن ۽ آبپاشي عملي کي خبر هئڻ باوجود ميرواھ کينال جا ڪپر مضبوط نٿا ڪن جنهن سبب گهارا لڳڻ معمول بڻجي وڃن ٿا جنهن سبب اسان جو نقصان ٿئي ٿو