عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته هاڻ صرف هن حڪومت جو 2 هفتن جو تماشو رهجي ويو آهي. 342 جي اسيمبلي ۾ 12 ماڻهن 100 کان وڌيڪ بل پاس ڪري گنيز بڪ ۾ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي شيخ رشيد احمد لکيو ته اسيمبلي اجلاس لاءِ 86 ميمبرن جو هجڻ ضروري آهي پر جنهن اسيمبلي جي عزت نه هجي اتي اڪيلو اسپيڪر ئي ڪافي آهي. اسيمبلي جي آخري اجلاس ۾ جنهن تيزي سان 100 بل پاس ڪيا ويا آهن اهو هڪ سوچيل سمجهيل منصوبو آهي.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته ڊس انفارميشن ۽ مس انفارميشن کي چالاڪي سان بل ۾ وڌو ويو. آزاد صحافت کي هٿڪڙيون هنيون ويون. هنن جهڙي طريقي سان ميڊيا جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هنن جي اندر جو خوف هاڻ ٻاهر اچي رهيو آهي.شيخ رشيد چيو ته جڏهن کنڊ ۽ اٽو ٻئي 170 روپيه ڪلو هوندا ته هنن جي بيلٽ باڪس مان ووٽ جي بجاءِ ٻيو ڪجهه نڪرندو. جنهن جي هنن کي به چڱي ريت خبر آهي. 15 مهينن دوران غريبن سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو سڀ ڪجهه هنن ڪيو آهي. عوام چونڊن واري ڏينهن وياج سميت هنن جي اوڌر لاهي ڇڏيندو. هاڻ حڪمران ڦاسي چڪا آهن. جيڪڏهن چونڊون ڪرائين ٿا تڏهن به ڦاسن ٿا چونڊن کان ڀڄن ٿا تڏهن به ڦاسن ٿا.