پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ جي پيٽرول پمپ مالڪن سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ پيٽرول پمپ مالڪن هڙتال ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.ڳالهين کانپوءِ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ڏينهن کانپوءِ وري ڳالهين جو امڪان آهي.ياد رهي ته مصدق ملڪ پيٽروليم ڊيلرز سان ڳالهين لاءِ ڪراچي آيو هو.پيٽروليم ڊيلرز منافعي جي شرح جي معاملي تي سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو هو، جنهن سان پيٽروليم شين جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو هو