جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف سڀاڻي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي.مولانا فضل الرحمان پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي لاڳيتو بي حرمتي ڪئي پئي وڃي. اهڙي عمل سان مسلمانن کي دلي صدمو پهچي رهيو آهي. مسلمان توريت، انجيل سميت سمورن آسماني ڪتابن جو احترام ڪندا آهن. مغربي دنيا تنگ نظرئي جو ڇو مظاهرو ڪري رهي آهي.مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اهڙي اظهار جي آزادي کي رد ڪريون ٿا. قوم کي احتجاج جو سڏ ڏيان ٿو. آچر جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سوئيڊن جي رويي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪنداسين. ڪراچي ۾ سڀني کان وڏو احتجاجي مظاهرو ٿيندو جنهن ۾ مان پاڻ شرڪت ڪندس. جي يو آءِ اڳواڻ چيو ته سڄي قوم روڊن تي اچي سوئيڊن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري. مغربي دنيا کي پيغام ڏيڻو آهي ته مسلمان قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪڏهن به برداشت نٿا ڪري سگهن.جي يو آءِ اڳواڻ وزيراعظم کان مطالبو ڪيو ته سوئيڊن مان پاڪستاني سفير کي واپس گهرايو وڃي ۽ او آءِ سي تنظيم کي چيو وڃي ته سمورا اسلامي ملڪ سوئيڊن مان پنهنجن سفيرن کي واپس گهرائين ته جيئن مغربي دنيا جي آڏو گڏيل احتجاج رڪارڊ ڪرائي سگهجي.