ڪرمپور : ڀرسان ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڏياڻي مگسي لنڪ روڊ تان ڏيڍ مهينو اڳ مير شير محمد خان بجاراڻي لاڙي وٽان نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ڳوٺ ٿنگئي خان جعفري لڳ پيربخش شجراه واسي مغوي نوجوان عبدالرحمان جعفري کي حد جي ڪرمپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي, مغوي جي بازيابي لاء وارثن جو ماستر محمد صديق جعفري, بالاڇ خان جعفري, علي بخش جعفري, محمد ابراهيم جعفري, غلام قادر جعفري, محمد سليمان جعفري, مغوي جي ڀاءُ عبدالله جعفري, عبدالمجيد جعفري, محمد سليمان جعفري ۽ ٻين اڳواڻي ۾ شيرڳڙه واري علائقي فخر مل ڀرسان روڊ بلاڪ ڪري ٽائرن کي باھيون ڏيئي انڊس هاء وي تي ڌرڻو ھڻي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندي , مغوي جي ترت بازيابي جو مطالبو ڪيو ڌرڻي سبب روڊ 9 ڪلاڪ بند ھجڻ ڪري سنڌ پنجاپ ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي روڊ جي ٻنھي پاسن کان مسافر گاڏين جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون سخت گرمي سبب بند بيٺل گاڏين ۾ ويٺل مسافر مرد عورتون پوڙھا توڙي پڪا ٻار ۽ بيمار سخت پريشان حال نظر آيا, ڪيترائي ڀيرا پوليس مظاھرين سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي مظاھرين روڊ کولڻ کان کتو جواب ڏيندي ڌرڻي کي صبح کان شام تائين جاري رکيو ھوڏانھن ايس ايڇ او جمال سکيو خان چولياڻي وڏي منشي ڪرمپور رياض احمد ڊومڪي مغوي نوجوان عبدالرحمان جعفري جي وارثن سان ڪامياب ڳالھيون ڪري مغوي ترت بازياب ڪرائڻ جي خاطري تي روڊ کولرائي ٽريفڪ جي رواني کي بحال ڪيو