ڪنڌڪوٽ:غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ بجلي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ماء پنھنجي معصوم ڌي کي بچائيندي فوت ٿي ويئي۔

ڪنڌڪوٽ :غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ بجلي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ماء پنھنجي معصوم ڌي کي بچائيندي فوت ٿي ويئي۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ ٽن ورھين جي نينگري ھدايتان چنه وھنجڻ لا۽ ويئي ته اوچتو بجلي جي موٽر کي ھٿ لڳي ويس جنھن سبب کيس بجلي جو جھٽڪو آيو ته نينگري کي بجلي جي ڪرنٽ مان بچائيندي سندس 32 ورھين جي ماء مسمات شبيران چنه کيس بچائڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ فوت ٿي ويئي۔ زخمي نينگري کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ علاج لا۽ منتقل ڪيو ويو۔ واقعي بعد گھر ۾ ڪھرام مچي ويو۔ ڳوٺ ۾ سوڳ پکڙجي ويو