ڪنڌڪوٽ : ۾ به ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري آھي۔ ستين محرم جي شام شھر جي شيخ محله ۾ ياسر سومري جي امام بارگاه واري پڙ مان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو۔ ھن ماتمي جلوس ۾ شھر جي مختلف پاڙن ۾ سوين اھل تشيع جي عزادارن شرڪت ڪئي۔ جلوس ۾ سينازني ۽ خنجرن جي زنجيرن جو ماتم ڪيو ويو۔ جنھن سبب ڪيترائي مومن زخمي به ٿي پيا جن کي رورل ھيلٿ سينٽر جي مقرر امدادي ٽيم طرفان ابتدائي طبي امداد ڏني ويئي۔ جلوس شھر جي مختلف بازارن کان ٿيندو مرڪزي امام بارگاھ تي پھچي نھر ٿ
ي ويو۔ جلوس جي اڳواڻي سيد سليم شاھ جيلاني۔ سيد عبدالرحمان شاھ۔ اشفاق سومرو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا۔ ان کان اڳ ياسر سومري جي مرڪزي پڙ تي مجلس منعقد ڪئي ويئي جنھن ۾ ڪنب شھر کان آيل مولانه محمد بچل مھراڻي خطاب ڪري امام حسين رضه جي زندگي ۽ اسلام جي سربلندي لا۽ سندس ڪيل قرباني تي روشني وڌي