ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ اڄ 7 محرم الحرام تي حيدرآباد جي مختلف علائقن مان ذوالجناح، جهولي ۽ شهزادي قاسم عه جي ميندين جا 25 کان وڌيڪ ماتمي پڙ ۽ جلوس برآمد ٿيندا. سڀ کان وڏو جهولي پاڪ وارو قديمي مرڪزي پڙ انجمن سفينهءِ حسيني جي زير اهتمام ٽنڊو محمود _ ٽنڊو آغا مان برآمد ٿيندو. جنهن ۾ لکين عزادار شريڪ ٿيندا. اهو پڙ جڏهن فقير جي پڙ واري چاڙهيءَ تي پهچندو ته اتي لکين عزادار شريڪ ٿي عزاداري ڪندا. ان پڙ جي حفاظت لاءِ حيدرآباد پوليس پاران سخت انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رينجرز پڻ ان پڙ سان گڏ هوندي. اهو جهولي پاڪ وارو پڙ 8 محرم تي شام جو نهر ٿيندو ان کانسواءِ ڦليلي پار کان دين محمد ڪڇي جو پڙ محمد اسلم سمون جي زير اهتمام، ٽنڊو ٺوڙهو مان جمن شاهه جو پڙ سهيل احمد خاصخيلي جي زير اهتمام، ٽنڊو ٺوڙهو مان مرزا عابد حسين جو پڙ ڊاڪٽر ڪاظم رضا مرزا جي زير اهتمام، هيرآباد مان سيد ثابت علي شاهه ڪربلائي جو پِڙ پروفيسر اعجاز علي شاهه جي زير اهتمام، کاهي روڊ واري علائقي مان درگاهه نهال شاهه تان شهزادي قاسم عه ابن الحَسن عه جي ميندي گل شير شاهه جي زير اهتمام، ٻٻرن جي پڙ مان ميندي سيد فرمان علي شاهه ۽ سيد ديدار علي شاهه جي زير اهتمام، مرڪزي امام بارگاهه گل شاهه بخاري گاڏي کاتي مان ميندي صادقين شاهه جي زير اهتمام، درگاهه مهر شاهه لڳ راحت سئنيما وٽان ميندي غلام مرتضيٰ شاهه جي زير اهتمام، درگاهه اشرف علي شاهه (ايليڪاٽ) پڪي قلعي تان ميندي علي گوهر چانڊيو جي زير اهتمام، ڊاڪٽرز ڪالوني مان ٽڳڙن جو پِڙ شوڪت حسين عرف بادشاهه ٽڳڙ جي زير اهتمام، دادن شاهه ڪالوني مان ڀورو فقير مرڙاڻي جو پِڙ سندس ئي زير اهتمام، قدم گاهه مولا علي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ شهر جي مختلف علائقن ۾ سبيلون قائم ڪيون ويون آهن. جڏهن ته نياز نگر جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي