فوج کي بدنام ڪرڻ تي 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي: آرمي ايڪٽ ترميمي بل سينيٽ مان منظور

سينيٽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل کي منظور ڪري ورتو آهي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي سربراهي ۾ سينيٽ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف آرمي ايڪٽ ترميمي بل منظوري جي لاءِ پيش ڪيو جنهن کي ايوان منظور ڪري ورتو بل جي متن موجب سرڪاري حيثيت ۾ ملڪي سلامتي ۽ مفاد لاءِ حاصل ڄاڻ جي غير لاڳاپيل انڪشاف تي 5 سالن تائين جي سزا ڏني ويندي. آرمي چيف يا بااختيار آفيسر جي اجازت سان انڪشاف ڪندڙن کي سزا نه ملندي ترميمي بل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ پاڪستاني فوج جي مفاد خلاف انڪشاف ڪندڙن کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ تحت منهن ڏنو ويندو. بل موجب اهڙي قانون جي ماتحت شخص سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو. حساس ڊيوٽي تي مقرر شخص 5 سالن تائين سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندو. جڏهن ته سياسي سرگرمي ۾ حصو وٺڻ تي پابندي خلاف ڀڃڪڙي ڪندڙ کي 2 سالن تائين جي سزا ڏني ويندي بل موجب اليڪٽرانڪ ڪرائيم ۾ ملوث شخص جنهن جو مقصد پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ هجي ان خلاف اليڪٽرانڪ ڪرائيم تحت ڪارروائي ٿيندي. بل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته فوج کي بدنام ڪرڻ يا ان جي خلاف نفرت پکيڙڻ تي آرمي ايڪت جي تحت 2 سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي