ڪراچي : ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ايم پي اي محمد اسلم ابڙو جي ڀاءُ محمد اڪرم ابڙو سندس پٽ شهريار ابڙو جي جيڪب آباد جي ٽائون هال ۾ جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي. سوڳ ۾ جيڪب آباد شهر جو ڪاروبار مڪمل طور بند رهيو جنازي نماز ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ ايم پي اي شهريار شر، ايم پي اي ممتاز جکراڻي، ايم پي اي ڊاڪٽر سهراب سرڪي، عبدالماجد ڄاموٽ، ڊاڪٽر اي جي انصاري، رحمت الله کوسو، ۽ ٻين به شرڪت ڪئي مڙهه کڄڻ وقت محمد اڪرم ابڙو جي پٽن سميت ڪيترائي ماڻهو اوڇنگارون ڏيندا روئيندا رهيا جنهن سبب ماحول سوڳوار ٿي ويو اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو جي جنازي نماز ٽائون هال ۾ ادا ڪرڻ بعد سندن مڙهه بچل واهه جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا.