وزيراعظم :شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو

وزيراعظم :شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو آهي وزيراعظم جو يو اي اي پهچڻ تي پاڪستاني سفير، سفارتي عملدارن ۽ اعليٰ اماراتي عملدارن سندس استقبال ڪيو ٻڌايو پيو وڃي ته وزيراعظم ابوظهبي جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اڳوڻي ميمبر شيخ سعيد بن زيد النهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ شاهي محل ۾ ويندو، شيخ سعيد بن زيد النهيان گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ خاص مددگار طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ آهن.