حيدرآباد : ۾ يوم عاشور جو مرڪزي ماتمي جلوس: وڏو وزير به شامل ٿيو

حيدرآباد: ۾ يوم عاشور جو مرڪزي ماتمي جلوس قدم گاهه مولا علي تان برآمد ٿيو آهي شهر جي مختلف علائقن مان نڪتل تازيا ۽ ننڍا وڏا ماتمي جلوس ۽ تازيا به مرڪزي ماتمي جلوس شامل ٿي ويا مرڪزي ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا هزارين اهلڪار مقرر آهن.وڏو وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو به مرڪزي ماتمي جلوس ۾ شريڪ ٿيا وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته امام حسين ۽ سندس جانثارن جي عظيم قرباني اسان لاءِ مثال آهي، ماتمي جلوسن لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.