ڪنڌڪوٽ : گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿيڻ سبب وڏو وزير سيد مراد علي شاهه گڊو بئراج وٽ پھچي ويو جٿي اُن پاڻي جو جائزو ورتو مراد علي شاهه سان گڏ صوبائي وزير شبير علي بجاراڻي ايم پي اي ڪشمور حاجي عبدالرئوف کوسو آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ڊي سي منور علي مٺياڻي پڻ سندس گڏ هئا سي ايم سنڌ بندن جو جائزو پڻ ورتو آهي وڌيڪ اُن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن کي الرٽ رهڻ گهرجي اُن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ سخت انتظاميات ڪيا ويا آهن