باجوڙ: ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪو، مقامي امير سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا 150 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن خار ۾ ورڪرز ڪنوينشن اندر ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن ڌماڪي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ جي يو آءِ جي ڊسٽرڪٽ خار جو امير مولانا ضياءُالله جان ۽ ڊسٽرڪٽ ناواگئي جو جنرل سيڪريٽري حميدالله حقاني به شامل آهن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جو چوڻ هو ته 40 کان وڌيڪ ماڻهن جا لاش ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچايا ويا آهن. هن چيو ته ڌماڪي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته سخت زخمين کي پاڪ فوج جي هيلي ڪاپٽر ذريعي پشاور منتقل ڪيو پيو وڃي ضلعي ايمرجنسي آفيسر باجوڙ چيو آهي ته زخمين کي تيمر ڳڙهه ۽ پشاور منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي جي حالت نازڪ آهي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڌماڪي جي نوعيت جو اڃا تائين پتو ناهي پئجي سگهيو.