باجوڙ حملو انٽيليجنس جي وڏي ناڪامي آهي، قوم رياستي ادارن طرف ڏسي رهي آهي: مولانا فضل الرحمان

جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته باجوڙ حملو انٽيلجنس جي وڏي ناڪامي آهي مولانا فضل الرحمان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پوري قوم رياستي ادارن طرف ڏسي رهي آهي. پاڪستان ۾ 26 انٽيليجنس ادارا آهن اهي ڪٿي غائب آهن. باجوڙ حملو هڪ وڏي انٽيليجنس ناڪامي آهي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ڇا هي مون کي ڀروسو ڏياري سگهن ٿا ته رياست منهنجي حياتي جي حفاظت ڪري سگهي ٿي يا نه؟ ڇا رياست صرف ٽيڪس وصول ڪندي، جان مال جي حفاظت نه ڪندي. باجوڙ جهڙن واقعن ذريعي جي يو آءِ(ف) جو عوام سان رابطو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙي قسم جي قدمن سان نه ته اڳ اسان جي پارٽي جو رستو روڪي سگهبو هو نه ئي اڄ ممڪن هوندو مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي پر ان کان اڳ قبائلي اڳواڻن جو جرڳو گهرائڻ جي تجويز به سامهون آئي آهي.