سپريم ڪورٽ سويلين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي جيڪو سڀاڻي ٻڌايو ويندو سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بينچ سويلين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ وڪيل فيصل صديقي دليل ڏيندي چيو ته فل ڪورٽ سان بينچ جي جوڙجڪ تي اعتراض به ختم ٿي ويندا فيصل صديقي چيو ته اٽارني جنرل يقين ڏياريو آهي ته هن ڪيس دوران ڪنهن سويلين جو فوجي ٽرائل نه ٿيندو. ڪجهه ججز ٻڌڻي کان معذرت ڪن ته بقايا ججز جو فل ڪورٽ ٺاهي سگهجي ٿو. جيڪي حڪومت طرفان بينچ تي اعتراض اٿاريا ويا آهن ان سان ڪوبه تعلق نه آهي. 3 ججز ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪئي جنهن کان پوءِ هو فل ڪورٽ جو حصو نٿا ٿي سگهن فيصل صديقي جي دليلن تي جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته 3 ججز ڪيس ٻڌڻ کان معذرت نه ڪئي آهي. موجوده ڪيس ۾ صرف هڪ جج ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي آهي، ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ته ذاتي سببن جي آڌار تي به ڪئي ويندي آهي جسٽس مظاهر چيو ته اوهان هن وقت فل ڪورٽ جو مطالبو ڪري رهيا آهيو جڏهن اوهان پنهنجي درخواست تي دليل ڏئي چڪا آهيون. فيصل صديقي جا دليل مڪمل ٿيڻ تي چيف جسٽس چيو ته درخواستگذارن طرفان فل ڪورٽ جي اها پهرين درخواست آهي. بهتر ٿيندو ٻين درخواستگذارن کان به فل ڪورٽ تي موقف ورتو وڃي ان موقعي تي درخواستگذار اعتزاز احسن روسٽرم تي اچي ويو ۽ چيو ته اهڙي قسم جي درخواستن جو دير سان اچڻ ڪيس جي مقصد کي مڪروهه ڪرڻ جي برابر آهي. مون کي هن بينچ ۽ سپريم ڪورٽ تي مڪمل ڀروسو آهي. مارشلا ۾ به عدالتن ۾ پيش ٿيندو رهيو آهيان. پهريان 7 ججز معاملي ۾ 4-3 جو تڪرار بنايو ويو عدالت کي هن ڪيس جو فوري طور تي فيصلو ڪري تڪرارن جو رستو بند ڪرڻ گهرجي ٻڌڻي دوران لطيف کوسه دليل ڏيندي چيو ته چاهيون ٿا ته فل ڪورٽ ڪيس ٻڌي پر اهو ٽيڪنيڪي بنيادن تي ممڪن نه آهي حڪومت طرفان هن ڪيس جو مذاق بنايو پيو وڃي. پنهنجي 50 سالن جي وڪالت جي تجربي ۾ اهڙيون حالتون ڪڏهن ناهن ڏٺيون. ججز ۾ ورهاست بابت سڄي دنيا کي خبر آهي. اهڙي صورتحال ۾ فل ڪورٽ جي درخواست صرف وقت کي ضايع ڪرڻ جي برابر آهي ان موقعي تي سلمان اڪرم راجه چيو ته اهو بهترين موقعو آهي سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن بابت هڪ ڀيرو ئي فيصلو ڪري ڇڏي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اختيار عدالت جي هٿ ۾ آهي. ان دوران سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن فل ڪورٽ ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي. وڪيل عابد زبيري چيو ته بار کي به هن بينچ تي مڪمل ڀروسو آهي ٻڌڻي دوران فيصل صديقي ۽ زمان وردگ کان سواءِ سمورن درخواستگذارن فل ڪورٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل به فل ڪورٽ ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي. جنهن کان پوءِ عدالت فل ڪورٽ جي معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اڃان هن معاملي تي مشاورت ڪنداسين جيڪڏهن ٿوري دير ۾ مشاورت مڪمل ٿي وئي ته 15 منٽن ۾ مناسب راءِ کان آگاهي ڏينداسين جيڪڏهن مشاورت مڪمل نه ٿي ته سڀاڻي آگاهه ڪيو ويندو ٻئي طرف ڪورٽ ايسوسي ايٽ چيو آهي ته هن ڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو ۽ ڪيس بابت ڪاز لسٽ جاري ڪئي ويندي.