ڪنڌڪوٽ : ضلعي ڪائونسل حال ۾ ضلعي چيئرمين گل محمد جکراڻي ۽ وائيس چيئرمين الطاف احمد کوسو جي اڳواڻي ۾ بجيٽ اجلاس ٿيو

50 ڪروڙ 32 لک 950 روپيا آمدني جو تخمينو ـ 50 ڪروڙ 29 لک 64 ھزار 127 روپيا خرچ جو تخمينو لڳايو ويو جڏهن ته 2 لک 43 ھزار 803 روپيا بچت واري بجيٽ پيش ڪئي وئي قدرتي آفتن لاء 60 لک ـ ترقياتي ڪمن لاء 17 ڪروڙ ـ صحت لاء 10 لک ـ اسڪالر شپ لاء 30 لک ـ ھلندڙ ترقياتي ڪمن لاء ھڪ ڪروڙ 11 لک 50 ھزار 278 ـ سلائي مشين ۽ نلڪن لاء 40 لک ـ پريس ڪلب لاء 10 لک روپيا رکيا ويا آهن پيش ڪيل بجٽ ۾ مختلف ميمبر پاران بحث ڪرڻ بعد اڪثريت راء منظور ڪئي وئي