رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو

انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ ڏٺي وئي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 90 پئسا واڌ ٿي انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 287 رپيا 54 پئسا آهي، گذريل ڏينهن ڊالر 286 رپين 64 پئسن تي بند ٿيو هو.