وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته 12 آگسٽ تي حڪومت جو مدو مڪمل ٿي رهيو آهي، نئين مردم شماري تحت ئي چونڊون ٿينديون، عوامي مينڊيٽ سان ليس حڪومت 5 سال حڪومت ڪندي، چونڊن ۾ دير جو ڪو جواز ناهي نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو مردم شماري ٿي آهي ته چونڊون به ان تي ئي ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته اها چونڊون ڪرائي، مردم شماري جا نتيجا مڪمل ٿيڻ تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ وينداسين هن چيو ته نگران سيٽ اپ جي حوالي سان نواز شريف سان مشاورت مڪمل ٿي وئي آهي، مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ڪندس، اپوزيشن ليڊر سان مشاورت آئين جي گهرج آهي، پراميد آهيان ته اپوزيشن ليڊر گڏجي نگران سيٽ اپ جو فيصلو ڪندو، چونڊن ۾ ن ليگ جو اميدوار نواز شريف آهي سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ مجبوري ۾ ڪئي وئي، ٻن ٽن مهينن ۾ ڪيترائي ڀيرا پيٽرول جا اگهه گهٽ ٿيا، پيٽرول جي اگهه جو دارومدار عالمي مارڪيٽ جي اگهن تي آهي منهنجي ڪنٽرول ۾ نه، بدقسمتي سان هن ڀيري پيٽرول جو اگهه عالمي مارڪيٽ ۾ آسمان تي هليو ويو وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته مون کي سپهه سالار جي چونڊ تي فخر آهي.