هلندڙ مالي سال 24-2023 جي پهرئين مهيني (جولاءِ) دوران مهانگائي ۾ ماهوار بنيادن تي 3.46 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 28.31 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.
ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب جولاءِ ۾ چانور، ڪڻڪ، کنڊ، گوشت ۽ دالين جي اگهن ۾ واڌ ڏٺي وئيڳڻپ کاتي ٻڌايو آهي ته شهري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 3.57 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 3.30 سيڪڙو واڌ ٿي انگن اکرن موجب هڪ سال ۾ سگريٽ جي قيمت ۾ 123.46 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ۾ 102.43 سيڪڙو، چانهه جي پتي ۾ 97.26 سيڪڙو، چانورن جي قيمت ۾ 68.87 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 66.58 سيڪڙو واڌ ٿي هڪ سال ۾ پٽاٽو 60.66 سيڪڙو، ڪڪڙ جو گوشت 58.13 سيڪڙو، کنڊ 56.45 سيڪڙو مهانگي ٿي.