پاڪستان :مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ طلال چوڌري جي سپريم ڪورٽ طرفان 5 سالن لاءِ نااهلي جي سزا ختم ٿي وئي آهي. ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن طرفان کيس مبارڪباد ڏني وئي تفصيل موجب طلال چوڌري جي 5 سالن لاءِ نااهلي جو مدو اڄ ختم ٿي ويو آهي. (ن) ليگ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته طلال چوڌري کي سپريم ڪورٽ 2 آگسٽ 2018 تي توهين عدالت جي الزام ۾ 5 سالن لاءِ نااهل ڪيو هو اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار طلال چوڌري پاران هڪ عوامي جلسي ۾ ڪيل تقرير جو نوٽيس ورتو هو جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 02 آگسٽ 2018 تي توهين عدالت جي هڪ ڪيس ۾ طلال چوڌري کي 5 سالن جي لاءِ نااهلي جي سزا ٻڌائي هئي ان حوالي سان وفاقي وزير اطلاعات ۽ ليگي اڳواڻ مريم نواز سپريم ڪورٽ کان 5 سالن جي نااهلي جي سزا ختم ٿيڻ تي طلال چوڌري کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته طلال چوڌري نوازشريف سان ۽ پارٽي سان وفا ڪرڻ تي نااهلي جي سزا ڀوڳي. ان کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ طلال چوڌري چيو هو ته جيڪي زيادتيون اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽(ن) ليگ سان ٿيون ان جو ازالو چونڊن کان اڳ ٿيڻ گهرجي ياد رهي ته طلال چوڌري 2018 ۾ فيصل آباد جي هڪ جلسي دوران آمريت کي قانوني سهارو ڏيندڙ ججز تي تنقيد ڪئي هئي هن پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته پاڪستان جي اعليٰ عدليه ۾ فوجي آمر جي عبوري آئيني حڪم نامي تي حلف کڻندڙ بت ويٺل آهن عدليه کي انهن کان پاڪ نه ڪيو ويو ته ناانصافين جو سلسلو جاري رهندو طلال چوڌري جي اهڙي بيان تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 63 ون جي تحت کيس توهين عدالت جو حقدار قرار ڏنو هو. واضح رهي ته طلال چوڌري 2018 جي عام چونڊن ۾ اين اي 102 فيصل آباد تان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اميدوار کي شڪست ڏني هئي.