نگران وزيراعظم جي لاءِ محمد ميان سومرو ۽ عشرت العباد جي نالن تي غور

نگران وزيراعظم جي لاءِ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين وچ ۾ مشاورت جو سلسلو جاري آهي. ان سلسلي ۾ مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو صدرآصف زرداري ڪيترائي ڀيرا ملاقاتون به ڪري چڪا آهن ذريعن موجب نگران وزيراعظم جي لاءِ اڳوڻي سينيٽ چيئرمين ميان محمد سومرو ۽ اڳوڻي سنڌ جي گورنر عشرت العباد جي نالن تي غور ٿي رهيو آهي. هلندڙ هفتي حتمي نالي جو فيصلو ڪيو ويندوذريعن موجب نوازشريف ۽ آصف زرداري جا نامزد ڪيل نالا وزيراعظم کي پيش ڪيا ويندا. وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن اڳواڻ راجا رياض وچ ۾ اڄ اربع تي مشاورت جو امڪان آهي.