ڪنڌڪوٽ :شھر ڀرسان ڳوٺ بصر اوڳاھي ۾ 10 سالن جو معصوم نينگر ضمير پٽ سڪندر اوڳاھي پاڻي جي تلاء ۾ وھنجندي ٻڏي ٿي ويو

ڪنڌڪوٽ:غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ بصر اوڳاھي ۾ 10 سالن جو معصوم نينگر ضمير پٽ سڪندر اوڳاھي پاڻي جي تلاء ۾ وھنجندي ٻڏي ٿي ويو۔ ۔ وڌيڪ مليل تفصيل موجب ڳوٺ بصر اوڳاھي ڀرسان 10 سالن جو معصوم نينگر ضمير اوڳاھي پنھنجن سنگتين سان گھر ڀرسان ھڪ پاڻي جي تلاء ۾ وھنجي رھيو ھيو ته اوچتو تلاء ۾ موجود ھڪ کامي/کڏ ۾ ھيٺ لھي ويو ۽ سندس ساٿين کي انجو پتو نه پئجي سگھيو۔ اڌ ڪلاڪ بعد جڏھين سندس ساٿي وھنجي ٻاھر نڪتا ته ھنکي نه ڏسي سندس ڳولھا شروع ڪئي ته پاڻي اندر کڏ ۾ پيل مليو۔ سندس وارثن اھڙي اطلاع بعد کيس يڪدم ڀر واري ڳوٺ جي نجي اسپتال ۾ آندو جٿي ڊاڪٽر سندس موت جي تصديق ڪئي ته سندس وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو۔ سندس فوتگي جو اطلاع نينگر جي گھر پھتو ته ڪھرام مچي ويو۔ سندس امڙ بيھوش ٿي ويئي ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو