باگڙجي ويجهو زمين جي تڪرار تان جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا قتل جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب نور حسن ۽ سڪندر جتوئي مارجي ويا، جڏهن ته عبدالستار جتوئي زخمي ٿي پيو. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي باگڙجي ٿاڻي جي حد ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين مامن ۽ ڀاڻيجن محمد يعقوب ۽ غلام اڪبر جتوئي ۾ 8 جريب زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا نورحسن عرف لالو جتوئي ۽ ٻي ڌر جو عبدالستار جتوئي قتل ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد ٿاڻي جي پوليس پهچي وئي جنهن ٻنهي مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا آهن.