ڪنڌڪوٽ: ۾ ڪارونجهر جي کٽائي خلاف جسقم ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران ڌار ڌار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڪنڌڪوٽ : ۾ ڪارونجهر جي کٽائي خلاف جسقم ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران ڌار ڌار پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جسقم جي والي ڏنو سنڌي، قومي عوامي تحريڪ جي سجاد بروهي، فدا مھمداڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي مٿن اڳوڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارونجهر جي کٽائي سنڌ سان ناانصافي آهي جنهن خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، ھنن چيو ته زرداري پوري سنڌ کپائي ڇڏي آهي ھاڻي ڪارونجهر جي ڪڍ لڳي پيو آهي جنهن جي مذمت ڪندي علي حڪام کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪارونجهر جي کٽائي وارو ڪم بند ڪرايو وڃي نه ته احتجاجن پنجاب ڌنگ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو