ڪنڌڪوٽ : شهر جي مسجد پاڙي جو رھواسي محمد عمر چنو جي گھر ۾ شيخ برادري جي ماڻھن گھر ڀاتين کي نشو ڏيئي 16 سالا نوجوان ناري صائما چنو کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا ۔ اهڙي واقعي جي اين سي غوثپور ٿاڻي تي ناري جي ماء جي فرياد تي ذوالفقار شيخ۔ صوبل شيخ۔ سبحان شيخ۔ سميت 6 ڇھ ماڻھن مٿان داخل ڪرائي وئي آھي ۔ ناري صائما چنو جي وارثن محمد عمر. مسمات شبيران ۔مائي رخسانه چنا ۽ منير احمد چنه ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته شيخ برادري جي ماڻهن حلوي ۾ نشو ملائي سڀني گھر ڀاتين کي نشي آور حلوو کارائي بيھوش ڪري صائمہ چنا کي اغوا ڪري ويا آهن۔ اسين اهڙي واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏيئي جوابدارن مٿان اين سي داخل ڪرائي آهي ۔جنهن بعد پوليس جوابدارن جي پويان ويل آهي پر هن وقت تائين اسانجي ناري جو ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو۔ متاثرن ايس ايس پي ڪشمور کي مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي پنهنجي ناري واپس ڪرائي ڏني وڃي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور ٻڌايو آهي ته واقعي جو اسان کي اطلاع ڏنو ويو آهي ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آھي ۽ جلد ناري کي واپس ڪرائي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو ۔ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهي ته ناري پاڻ خوشي سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ گھران نڪري ويئي آهي۔