بهاولپور اسلاميه يونيورسٽي واقعو: وي سي جي بيان نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو

اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي نئين وائيس چانسلر سينيٽ جي ڪميٽي اڳيان نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو نئين وائيس چانسلر موجب سيڪيورٽي آفيسر ٻڌايو آهي ته سندس موبائل ۾ ساڍا پنج هزار وڊيوز موجود آهن، اڻوڻندڙ حرڪتن بابت سيڪيورٽي وارن کي چيو ويندو هو ته وڊيوز ٺاهي ڏيو ياد رهي ته آئيس ڪيس ۾ گريڊ 21 جي پروفيسر ۽ چيف سيڪيورٽي آفيسر سميت 3 جوابدار ملوث آهي جڏهن ته رٽائرڊ ميجر چيف سيڪيورٽي آفيس کان آئيس هٿ ڪئي وئي جيڪو جيل ۾ آهي.