عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ 35 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي

عالمي بينڪ پاڪستان جي لاءِ 35 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. عالمي بينڪ موجب پاڪستان جي لاءِ قرض جي منظوري رائز ٽو پروگرام جي تحت ڏني وئي. قرض جي فراهمي جو مقصد پاڪستاني مالياتي انتظام، پائيدار ۽ جامعدار اقتصادي ترقي لاءِ مسابقت کي هٿي ڏيڻ آهي عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان کي فوري طور تي مالياتي اصلاحات جي ضرورت آهي. پاڪستان وٽ چونڊن کان پوءِ پراڻي اسٽرڪچر جا مسئلا حل ڪرڻ جو موقعو آهي اهو موقعو وڃائي ڇڏيو ته پاڪستان جي ٻيهر معاشي مسئلن ۾ ڪرڻ جو امڪان آهي عالمي بينڪ موجب پروگرام جي تحت پاڪستان جي مالي پاليسي بابت ڪوآرڊينيشن ۽ قرضن ۾ شفافيت آندي ويندي. پراپرٽي جي شعبي ۾ ٽيڪسن کي مضبوط بنائڻ پلان جو حصو قرار ڏنو ويو آهي. عالمي بينڪ چيو آهي ته ٽيڪس قانون تي عمل ڪرڻ جي لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ ڊيجيٽل ادائيگي جي حوصله افزائي ڪئي ويندي. امپورٽ ٽيرف ۾ گهٽتائي جي ذريعي برآمدات کي هٿي ڏني ويندي عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين چيو آهي ته رائز ٽو پروگرام ٽيڪس، توانائي، ڪاروباري ۽ موسمياتي اصلاحات جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري ٿو. پروگرام محصولات وڌائڻ جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ناجي بن حسين چيو آهي ته رائز ٽو پرگرام خرچن جو حدف بهتر بنائڻ، سرمائيڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. پروگرام سان پاڪستان جي پاور سيڪٽر جي بهتر انتظام ۾ به مدد ملندي.