آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس تي يقين نٿو رکي، سمورن دوست ملڪن سان بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ تي يقين رکي ٿو آمريڪي ٿنڪس ٽينڪس ۽ ميڊيا نمائندن سان خصوصي ملاقات ۾ آرمي چيف علاقائي سلامتي، عالمي دهشتگردي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي برقرار رکڻ جي اهميت تي پاڪستان جي نقطه نظر کي اجاگر ڪيو. آرمي چيف ڪشمير مسئلي کي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آرمي چيف چيو ته ڪشمير هڪ عالمي طور تي مڃيل تڪرار آهي ۽ ڪوبه هڪطفو قدم ڪشميري عوام جي خواهشن جي خلاف اهڙي تڪرار جي نوعيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي. آرمي چيف غزه ۾ فوري جنگبندي جي خاتمي، انساني همدردي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ٻن رياستي حل جي نفاذ جي فوري ضرورت تي به زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪيترن ڏهاڪن کان عالمي دهشتگردي جي خلاف جنگ جوٽي رهيو آهي آرمي چيف چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون خدمتون ۽ قربانيون ڏنيون آهن ۽ پاڪستاني عوام جي حمايت سان آخري دهشتگردي جي خاتمي تائين اها جنگ جاري رهندي. پاڪستان جيو پوليٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ ٻنهي نقطه نظر سان اهم ترين ملڪن مان هڪ آهي خصوصي ملاقات ۾ آرمي چيف چيو ته پاڪستان وچ ايشيا جي ٻين ملڪن سان مضبوط لاڳاپا رکڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو. پاڪستان بلاڪ پوليٽڪس تي يقين نٿو رکي پر سمورن دوست ملڪن سان برابري جهڙا لاڳاپا رکڻ تي يقين رکي ٿو آرمي چيف ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته پاڪستان ڊگهي مدي وارن ٻطرفن لاڳاپن جي ذريعي آمريڪا سان مضبوط رابطن کي وسيع ڪرڻ جو خواهشمند آهي. آمريڪا جي دوري دوران سياسي ۽ عسڪري قيادت سان آرمي چيف جي ڳالهه ٻولهه به بهتر رهي. آرمي چيف جي پهچڻ تي پاڪستان جي سفير سندس استقبال ڪيو.