سي پي ڊي آ ِء “پاڪستان ۾ بجيٽ جي شفافيت جي صورتحال، بين االقوامي بھترين طرز عمل” تي چوٿين سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

رپورٽ ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي بجيٽ سازي جي عمل ۾ خامين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ بجيٽ تجويزن تي شھري گروپن، حڪومتي ادارن ۽ اهم اسٽيڪ هولڊرن سان وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ جو مطالبو ڪيوويوآهي. ان رپورٽ جو مقصد صرف نتيجا پيش ڪرڻ ناهي پر حڪومتن، سول سوسائٽي ۽ وڏي پئماني تي شھرين جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ جي سھولت مھيا ڪرڻ آهي. رپورٽ ۾ چيوويوآهي ته پاڪستان جي شھرين جي شرڪت جي واڌاري الِء هڪ مرڪزي ڊيجيٽل پليٽ فارم شروع ڪرڻ تي غورڪرڻ گھرجي. ان پليٽ فارم کي بجيٽ جي مشڪل تفصيل ان انداز ۾ پيش ڪرڻ الِء ترتيب ڏنووڃي ته جئين شھرين کي بجيٽ سمجھڻ ۾ آساني پيدا ٿئي. حڪومتن کي بجيٽ ٺاهڻ جي مرحلي جي دوران ملڪي سطح تي عوامي مشاورت، بشمول ٽائون هال ميٽينگس ۽ ورڪشاپ جو آغاز کي ترجيح ڏيڻ گھرجي. رپورٽ ۾ عورتن، اقليتن، ٻارڙن ۽ معذور ماڻھن جي الِء الڳ الڳ بجيٽ اسٽيٽمنٽ تيار ڪرڻ ۽ جاري ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيوويوآهي. جنھن ۾ هر گروپ جي منفرد ضرورتن ۽ ڏکاين جي مطابق مخصوص مختص ۽ حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪيوويوآهي. رپورٽ ۾ پاڪستان جي شھرين جي بجيٽ پيش ڪرڻ جي عمل کي مخصوص قانون سازي يا ضابطي جي ذريعي باقاعده ٺاهڻ تي زور ڏنوويوآهي. سي پي ڊي آ ِء جي رپورٽ جي مطابق حڪومتن کي بجيٽ جي تفصيل ايڪسل ۽ سي ايس وي جھڙن وڏي پئماني تي مشين ذريعي پڙهڻ جي قابل فارميٽس ۾ دستياب هجڻ گھرجي. ان کان عالوه بجيٽ سازي جي عمل ۾ شھرين جي شرڪت کي قانوني تحفظ ڏيڻ گھرجي ۽ حڪومتي ادارن کي بجيٽ سازي جي عمل کي مختلف مرحلن جي دوران شھرين سان مشاورت جو پابند ڪيووڃي. خاص طور بجيٽ ٺاهڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي دوران پارليامنٽ جي ميمبرن جي ڪردار کي وڌائڻ گھرجي. سي اين بي اي جي ميمبر تنظيم تعمير ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن) سٽيزنز نيٽ ورڪ فار بجيٽ اڪائونٽيبليٽي( جي زير اهتمام “ شفاف بجيٽ سازي تي اسٽيڪ هولڊرز ڊائيالگ” جي دوران چونڊيل نمائندن، مقامي حڪومتن جي نمائندن سول سوسائٽي تنظيمن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي: نظير سومرو ،سهيل اعوڻ، غلام اڪبر. چيوته: گذريل هڪ ڏهاڪي کان سي پي ڊي آ ِء پاڪستان ۾ بجيٽ سازي جي عمل کي ضلع کان وفاقي سطح تائين بھتر ڪرڻ جي الِء ڪم ڪري رهي آهي ته جئين ان ۾ شفافيت کي فروغ ڏئي سگھجي. ان جي نتيجي ۾ “ پاڪستان ۾ بجيٽ جي شفافيت جي صورتحال 2023 “ تي مشتمل چوٿين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. هي رپورٽ نه فقط بجيٽ جي شفافيت جو جائزو وٺي ٿي پر پاڪستان ۾ بجيٽ جي معلومات جي حصول جي الِء پاڪستان ۾ معلومات تائين رسائي جي قانون جي اثر جو اندازو لڳائڻ ۾ به مدد فراهم ڪري ٿي. هي رپورٽ تجويز ڪري ٿي ته بجيٽ کي تيز رفتاري سان اڳتي وڌائڻ بجا ِء ان کي وفاقي ۽ صوبائي اسنمبلين جي فنانس ڪاميٽين ڏانھن پھريائين موڪلڻ گھرجي. سي پي ڊي آ ِء جي رپورٽ ۾ سڀني پالننگ ڪميشن فارمز ) پي سي _1 کان پي سي _ 5 ) سڀني فارمن کي سڀني وفاقي ۽ صوبائي سطحن تائين عوام الِء مھياڪيا ڪرڻ جو مطالبو به ڪري ٿي.