ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور ۾ حفظ حديث ۽ اسلامي سوالن جوابن جي حوالي سان تي هڪ شاندار پروگرام ٿي گذريو

پروگرام جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي جنهن کان پوء اسلاميات جي ليڪچرار محترم عزيزالله بکراڻي جن حفظ حديث جي حوالي سان جناح هائوس , اقبال هائوس ۽ شهباز هائوس جي مرحلي وار ٽن ڪيڊٽ کان ترتيبوار حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حديثن بابت ، ڪنهن به حديث جا پهريان اکر پڙهي حديث کي ترجمي سان پورو ڪرڻ ۽ ڪي به پنج حديثون ترجمي سان بيان ڪرڻ جو مقابلو ڪرايو جنهن ۾ جناح هائوس جي ڪيڊٽ ارشاد علي ، حسين بلوچ ، غلام مرتضي ڪاميابي ماڻي ورتي پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ اسلامي سوالن جوابن جي حوالي سان جناح هائوس ، شهباز هائوس ۽ اقبال هائوس جي مرحلي وار ٻن ڪيڊٽ جي وچ ۾ مقابلو شروع ٿيو جنهن ۾ هر هڪ هائوس جي ڪيڊٽ کان پهرين مرحلي ۾ پنج سوال پڇا ڪيا ويا جنهن کان پوء ٻي مرحلي ۾ موضوعوار سوالن جوابن جو مقابلو ٿيو اسلامي سوالن جوابن جي حوالي سان شهباز هائوس جي ڪيڊٽ ميان مزمل ۽ محمد احمد ڪاميابي ماڻي ورتي ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي ليڪچررس ۽ ڪيڊٽس حفظ حديث ۽ اسلامي سوالن جي پروگرام مان ڪافي استفادو حاصل ڪيو پروگرام جي آخر ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي پرنسپال محترم محمد هاشم ميمڻ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حديثن جي اهميت تي روشني وڌي ۽ نئين نسل کي ان تي عمل ڪرڻ جي نصيحت ڪئي جنهن کانپوء حفظ حديث ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ جناح هائوس جي ڪيڊٽ کي ٽرافي ڏني وئي ۽ اسلامي سوالن جوابن جي مقابلي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شهباز هائوس جي ڪيڊٽ کي ٽرافي ڏني وئي.