جبري گمشدگين ۽ عدالت جي مٿانهين قتل خلاف بلوچ عورتن جي قيادت ۾ گذريل ڏينهن وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پهچندڙ بلوچ يڪجهتي مارچ ۾شرڪت ڪندڙن جي گرفتارين خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن ۾ ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ سمورين ڌرين کي شام 4 وڳي تائين ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي لانگ مارچ جي سربراهن گرفتارين جي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي ڌر بنايو ويو، جڏهن ته اسلام آباد جي ٿاڻي ترنول، رمنا، شاليمار، سيڪريٽريٽ، وومين ٿاڻي، مارگلا جي ايس ايڇ اوز کي به ڌر بنايو ويو آهي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن اڄ ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان ٻڌڻي جي استدعا ڪئي هئي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته رات دير سان لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويو. سمورن احتجاجي مظاهرين کي فوري طور تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي ياد رهي ته گذريل رات دير سان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن طرفان شروع ڪيل لانگ مارچ ۽ ڌرڻي تي پوليس طرفان ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو هو جنهن دوران ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو هو. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو قافلو بلوچستان کان اسلام آباد پهتو جتي ضلعي انتظاميه ۽ پوليس سامهون اچي وئي. مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو جنهن تي انتظاميه جي طرفان ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي رڏيهي خابرو اداري موجب بلوچ يڪجهتي مارچ ۾ شريڪ ماڻهن کي ايوب چوڪ تي روڪڻ جي لاءِ پوليس مظاهرين مٿان واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو به استعمال ڪيو ويو جنهن جي ڪري سيڪٽر ايف سيڪس ۾ رهندڙ ماڻهن کي به ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو ان حوالي سان پوليس جو موقف آهي ته اڻڄاتل ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ موجود هئا. پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو ويو، مظاهرين تي هٿيار استعمال ناهي ڪيو ويو. هٿيار جي استعمال بابت خبرون ڪوڙيون آهن. مارچ دوران مظاهرين جو چوڻ هو ته بلوچستان مان کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي مبينه جعلي مقابلي ۾ مارڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. بالاچ بلوچ تي سي ٽي ڊي جيڪي الزام لڳايا هئا انهن کي واپس ورتو وڃي ۽ بالاچ بلوچ جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي هوڏانهن سوشل ميڊيا تي اسلام آباد ۾ بلوچن جي لانگ مارچ تي لٺبازي ۽ گرفتارين تي باهه ٻريل آهي. اسلام آباد پوليس تي به سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته بلوچ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ ماهه رنگ بلوچ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي ٻڌايو پيو وڃي ته گڏيل طور تي 226 مظاهرين کي گرفتار ڪري آبپاره ٿاڻي، ڪوهسار، سيڪريٽريٽ ۽ مارگله منتقل ڪيو ويو آهي عورت مظاهرين کي وومين ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان چيو آهي ته طاقت جي استعمال کان پاسو ڪيو ويو آهي. بزرگن، عورتن ۽ ٻارن کان گذارش آهي ته پرتشدد هجوم جو حصو نه بڻجن. اسلام آباد جي شهرين جي جان ۽ ملڪيت جي حفاظت اسلام آباد پوليس جي اولين ترجيح آهي.